سول نافرماني تحريڪ؛ بنگلاديش ۾ 77 ڄڻا مارجي ويا ۽ سوين زخمي

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۾ شاگردن سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي ۽ اڄ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن ۾ مارجي ويلن جو انگ 77 ٿي ويو آهي ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.

بنگلاديش ۾ شاگرد پنهنجي گرفتار ساٿين جي آزادي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ حڪومت کي الٽيميٽم ڏنو هو، پر حڪومت طرفان سندن مطالبا پورا نه ٿيڻ تي شاگردن گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

هزارن جي انگ ۾ شاگرد روڊن تي نڪري آيا ۽ سڄي ملڪ ۾ حڪومت خلاف مظاهرا ٿي رهيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب، احتجاجي مظاهرن ۾ پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪرين دوران هنيئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 77ڄڻا مارجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي آهن.

شاگردن جي احتجاج سبب حڪومت طرفان سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اڄ شام کان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ان معاملي تي بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد پنهنجي بيان ۾ چيو ته روڊن تي احتجاج ڪندڙ شاگرد نه دهشتگرد آهن جيڪي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.