وسيم اڪرم جو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ڪم ڪرڻ کان انڪار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) سان ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم کي چيف ايگزيڪٽيو آفيسر يا چيئرمين جو صلاحڪار بڻجڻ جي آڇ ٿي هئي پر ٻين مصروفين سبب هو ڪُل وقتي ملازمت لاءِ دستياب نه آهي، سندس انڪار کانپوءِ ئي وقار يونس کي مقرر ڪيو ويو.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي وفاقي گهرو وزير پڻ آهي، اڪثر مٿس تنقيد ٿيندي رهندي آهي ته هو ٻن عهدن سبب ڪرڪيٽ کي وڌيڪ وقت ناهي ڏئي رهيو، ان مسئلي جي حل لاءِ هن راندين جا معاملا ڪنهن اڳوڻي ڪرڪيٽر کي سونپڻ جو فيصلو ڪيو هو.
ذريعن موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ محسن نقوي وسيم اڪرم سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته هو پي سي بي جي چيف ايگزيڪٽيو آفيسر سان سندس صلاحڪار جي پوسٽ سنڀالي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وسيم اڪرم پي سي بي چيئرمين سان معذرت ڪندي چيو ته هاڻ مستقل طور سندس رهائش ڪراچي ۾ آهي، فيملي سبب اڪثر آسٽريليا به ويندو رهندو آهي، سندس لاءِ لاهور ۾ ٻيهر رهائش اختيار ڪرڻ هاڻ ممڪن نه آهي، پر جڏهن به پي سي بي کي سندس ضرورت محسوس ٿيندو هو بنا معاوضي جي دستياب هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.