ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو وسڪارو جاري آهي، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، ڪاڇي ۾ نئيون وهي اچڻ ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهرن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، ٺٽي ۾ گهر جي ڀت ڪِرڻ سبب ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، نوشهروفيروز، ميرپوماٿيلو ۽ ٻين شهرن ۾ وسڪاري بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو.
نوابشاهه ۾ ڪجهه منٽن جي برسات شهر جي روڊن ۽ رستن کي تلائن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، شهر جا ڪاروباري مرڪز سميت هر روڊ تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو.
سکر ۾ به تيز وسڪاري سبب روڊ رستا پاڻي ۾ ٻڏي ويا، برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظاميا پاران ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا.
راڻيپور ۾ به تيز برسات سبب روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، بازارن ۾ پاڻي بيهڻ ڪري ڪاروباري ماڻهو سخت متاثر ٿي ويا آهن.
نوشهروفيروز جي مختلف علائقن ۾ وسڪاري سبب موسم وڻندڙ ٿي وئي، برسات دوران بجلي غائب رهي.
دريا خان مري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات سبب فصل ۽ ڀاڄيون ٻڏي ويون آهن، آبادگارن کي نقصان جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
لاڙڪاڻي ۾ برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، پاڻي جي نيڪال لاءِ انتظاميا پاران ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن، جنهن ڪري رهواسي پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن.
قمبر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي آهي، جنهن ڪري گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، ننڍن توڙي وڏن گهرن مان ٻاهر نڪري خوب انجواءِ ڪيو.
ميهڙ تعلقي ۾ تيز وسڪاري سبب نئيون وهي آيون آهن، نئين مزاراڻي، نئين دلان، نئين سگهرو ۽ گاجي بخش نئين وهي اچڻ ڪري حمل ڍنڍ ۾ ننڍي ٻوڏ اچي وئي آهي.
نيون وهي اچڻ ڪري گاهي جو ڳوٺ، حمل جو ڳوٺ، ڳھڻو ڏيرو، ڀنڀا ڏيرو، مينهون رند، ڀنڀا ڏيرا، ڇٽو ميروئي، سڄڻ ميرواڻي سميت 35 ڳوٺن جو ميھڙ، فريدآباد ۽ وارھ سميت مختلف شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.
نئين جا وهڪرا جاري آهن، جڏهن ته انتظاميه طرفان متاثر علائقن جي رهواسين لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا آهن.
ميرپور ماٿيلو، حيات پتاقي، يارو لنڊ، دادلغاري ۽ ٻين علائقن ۾ برسات پئي آهي، آبادگارن موجب برسات سبب وونئڻن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي.
You might also like