لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايڊوائرز ڪرڪيٽ افيئرز جي ڳولا لاءِ اشتجار ڏي ڇڏيو.
پي سي بي طرفان ايڊوائزر ڪرڪيٽ افيئر لاءِ جاري ڪيل اشتهار ۾ پروفيشنل ڪرڪيٽ رانديگر يا ڪوچ جي حيثيت سان تجربو ضروري قرار ڏنو ويو آهي.
اشتهار ۾ اميدوار لاءِ رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف جي مينٽورنگ ۽ ڊيولپمينٽ جو ٽريڪ رڪارڊ به ضروري قرار ڏنو ويو آهي.
اشتهار موجب، ايڊوائزر ڪرڪيٽ افيئر قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ پنهنجي تجربي جي روشني ۾ رهنمائي ڪندو ۽ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ پنهنجا مشورا ڏيندو.
ايڊوائرز ڪرڪيٽ افيئر قومي ٽيمن جي ڪوچز ۽ قومي سليڪشن ڪميٽين جا معاملا ڏسندو جڏهن ته ٽيم جي ڪارڪردگي جي بهتري ۽ رانديگرن جي ڊيولمپينٽ لاءِ هاءِ پرفارمنس ڪوچنگ سينٽرز سان سهڪار ڪندو.
اشتهار موجب، خواهشمند اميدوار 19 آگسٽ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.
ياد رهي ته اڳوڻو ڪپتان وقار يونس ڪجهه ڏينهن اڳ ايڊوائزر ڪرڪيٽ افيئرز جي ذميواري سنڀالي چڪو آهي.
You might also like