بنيادي ضرورت جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ ترجيح آهي: بلال اظهر ڪياني

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) نيشنل پارليامينٽري ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته جيڪي اچي تنقيد ڪن ٿا انهن حڪومت نه ورتي هئي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اظهر ڪياني چيو ته حڪومت مهانگائي جي شرح ٽن سالن ۾ گهٽ ترين سطح تي کڻي آئي آهي، فيبروري ۾ مهانگائي جي شرح 21،3 سيڪڙو هئي.
بلال اظهر ڪياني چيو ته بنيادي ضرورت جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ ترجيح آهي، ايف بي آر ۾ سڌارن لاءِ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، ايف بي آر جي سڌارن جو مطلب آهي ته ٽيڪس جو نظام بهتر ٿئي.
سندس چوڻ هو ته شهباز شريف بجلي جو نظام بهتر ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهيو آهي، 46 سيڪڙو گهريلو واهپيدارن جي اگهن کي تبديل ناهي ڪيو، کين ٽن مهينن لاءِ 50 ارب جي سبسڊي ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.