اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) 9 مئي واقعن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي قيام لاءِ خط پشاور هاءِ ڪورٽ کي ملي ويو.
ذريعن موجب ڪميشن جي قيام لاءِ جوڊيشل آفيسر جي مقرري بابت مشاورت ٿيندي. ايدووڪيٽ جنرل خيبرپختونخوا پشاور هاءِ ڪورٽ کي 9 مئي واقعن جي انڪوائري لاءِ خط موڪليو هو.
خط ۾ حڪومت چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کان جوڊيشل ڪميشن لاءِ جج مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
خيبرپختونخوا ڪابينا 9 مئي واقعن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي منظوري ڏني هئي.
You might also like