ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديليءَ کان سخت متاثر ٿيا آهن، اسان کي هر فيصلو، اپاءَ يا منصوبو مستقبل جي نسلن کي نظر ۾ رکندي ڪرڻو پوندو.
19هين مائي ڪراچي نمائش جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته ايس آءِ ايف سي منصوبو پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ اهم ثابت ٿيندو. آءِ پي پيز جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي گورنر هائوس ۾ مستحقن ۾ راشن ورهائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 20 لک کان وڌيڪ مستحقن ۾ راشن بيگز ورهايا ويندا.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جماعت اسلامي کي آفر آهي ته هو گورنر هائوس ۾ اندر اچن، راشن بيگز، ليپ ٽاپ ۽ آءِ ٽي ڪورسز ۾ داخلا ڏينداسين، مهانگائي سان گڏوگڏ عوام کي بجلي ۽ پاڻي به نٿو ملي، جماعت اسلامي انهن ٽن مسئلن لاءِ آواز اٿاري ته مان به ڌرڻي تي ويهندس.
You might also like