ڪراچي (رپورٽر) وفاقي ڪابينا پاڪستاني بندرگاهن تي ڊنمارڪ پاران 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ان حوالي سان صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته ڊنمارڪ پاڪستاني بندرگاهن کي ترقي ڏيڻ لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويوآهي.
ان حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدي تي صحيحن لاءِ پورٽ اينڊ شپنگ وارو وزير هلندڙ مهيني ڊنمارڪ جو دورو ڪندو، جڏهن ته وفاقي ڪابينا حڪومتي سطح تي مفاهمتي ايم او يو جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هي ايم او يو دنيا جي سڀ کان وڏي شپنگ لائين Maersk ۽ KPT جي وچ ۾ ٿيندو. ڊنمارڪ جي مارسڪ شپنگ لائين پاڪستان ۾ 2 سالن دوران 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو،سيڙپڪاري بندرگاهن جي انفراسٽرڪچر، ٽرمينلز، ڊريجنگ، ٽرانس شپمنٽ ۽ روڊن جي تعمير ۾ ڪئي ويندي ۽ مارسڪ شپنگ لائين پاڪستان ۾ وڏا گودام ۽ جهاز بريڪنگ پڻ ٺاهيندي.