شير افضل جي پارٽي رڪنيت ختم ٿي يا نه؟ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي ميمبر شير افضل مروت جي پارٽي رڪنيت معطلي جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جا تڪراري بيان سامهون آيا آهن.

گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ شير افضل مروت جي پارٽي جي بنيادي رڪنيت ختم ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو هو.

پي ٽي آءِ جي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل فردوس شميم نقوي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شير افضل مروت نوٽيس پيرڊ تي هو،

پڌرائي موجب، نوٽيس پيرڊ جي دوران ڊسپلنري ڪميٽي محسوس ڪيو ته شير افضل مروت کي پارٽي ضابطن جو ڪو به خيال ناهي، شير افضل مروت پاڻ کي پارٽي ضابطن کان مٿانهون سمجهي ٿو.

تحريڪ انصاف جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن شير افضل مروت باعزت شخص آهي ته پوءِ هو قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان به استعيفيٰ ڏئي.

ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر شير افضل مروت جي پارٽي رڪنيت ختم ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

بئريسٽر گوهر چيو ته شير افضل مروت جي رڪنيت معطلي جو نوٽيفڪيشن جعلي آهي، اهو ممڪن ناهي.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم حيدر پنجوٿا شير افضل مروت جي پارٽي رڪنيت معطلي جي نوٽيفڪيشن کي صحيح قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

نعيم حيدر پنجوٿا جو چوڻ آهي ته شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍڻ جو نوٽيفڪيشن بلڪل درست آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.