راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته وزيراعظم جيڪو وڻي بيان ڏئي مطالبا ته تسليم ڪرڻا پوندا.
هن وڌيڪ چيو ته ڳجهي طريقي سان ڪارروائي ڪرڻ جو وقت گذري چڪو آهي، حڪومتي ٽيم کي سامهون اچڻو پوندو، ڪٿي اسان کي ٽيم جي ڳولا لاءِ اشتهار نه هلائڻو پئجي وڃي،
هن جو چوڻ هو ته بجلي بلن جي بائيڪاٽ ۽ حڪومت هٽايو تحريڪ جو به آپشن موجود آهي، هو ڪنهن به وقت اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري سگهن ٿا. حڪومت جا ڪنٽينر ڪا اهميت نٿا رکن.
قطر ۾ حماس جي اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ حافظ نعيم الرحمان پنهنجي وطن واپسي تي جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان گڏ لياقت باغ مري روڊ تي ڌرڻي واري هنڌ پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان وٽ به باؤنسر يارڪر جو به آپشن موجود آهي، هاڻي بالر لائن ۽ لينٿ سان گڏ بالنگ ڪرائي رهيو آهي، جڏهن اسان جي بيٽنگ ايندي ته سڀني کي خبر پئجي ويندي.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي ڌرڻو تاريخي ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اليڪٽيبل شخصيات جي سياست دم توڙي رهي آهي هاڻ صرف عاومي سياست اڳتي وڌندي.
هن چيو ته ڌرڻو اڄ ڪراچي ۾ به لڳي ويندو، سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا هڻنداسين، حڪومت صرف بجلي جي قيمتون گهٽ ڪري، مطالبن جي منظوري تائين ڌرڻا جاري رکيا ويندا. بجلي بلن جي ادائگي لاءِ عوام گهريلو سامان وڪرو ڪري رهيو آهي.