پاڪستان تحريڪ انصاف جو نئون سياسي اتحاد ٺاهڻ جو اعلان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ايندڙ 15 ڏينهن ۾ نئون سياسي اتحاد ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ باني جيل مان حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي شهادت تي افسوس ۽ مذمت جو اظهار ڪيو آهي. اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جو چوڻ هو ته وڏو سياسي اتحاد ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، ايندڙ 15 ڏينهن ۾ وڏو اتحاد ٺاهينداسين، اسان انهن سمورين پارٽين سان اتحاد ڪنداسين جيڪي حڪومت جي خلاف آهن،
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي غيرقانوني طور تي جيل ۾ رکيو ويو آهي، پي ٽي آءِ باني سميت تمام بيگناهه قيد ڪاٽيندڙن خلاف آواز اٿاريو آهي، سڄي ملڪ مان شهرين کي جلسي ۾ پهچڻو آهي ته جيئن اسان ٻڌائي سگهون ته ملڪ آئين موجب ئي هلي سگهي ٿو.
اسد قيصر وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي جي ڌرڻي جي حمايت ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.