ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي اهي خبرون گردش ڪن پيون ته نوشهروفيروز ۾ چاچي ۽ پيءُ هٿان عورت جون ٻئي ڄنگهون ڪپيون ويون بحرحال انهيءَ خبر کي سوشل ميڊيا تي ڪجهه وڌائي پيش ڪيو ويو پر حقيقت سامهون تڏهن آئي جڏهن اخبارن ان کي تصديق سان رپورٽ ڪيو ته نوشهروفيروز سان تعلق رکندڙ صوبيا بتول شاه کي ڪجهه ڏينهن اڳ شهر جي گل ٽائون واري علائقي ۾ 6 جوابدارن طلاقيل ماءُ جي گهر ۾ رهندڙ صوبيا بتول کي چاچي ۽ پيءُ تشدد جو نشانو بڻائيندي ڪهاڙين جا وار ڪندي ڄنگهون زخمي ڪري ڇڏيون جنهن کي فريڪچر ضرور ٿيو آهي پر ڊاڪٽرن موجب هوءَ گهمي سگهندي ۽ عورت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مون کي سوٽن ۽ چاچن ٻڌو ۽ پيءُ ڪهاڙيون هڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو ۽ تشدد جو نشانو بڻيل عورت اسپتال ۾ داخل آهي ۽ عورت کي اسپتال ۾ به جان جو خطرو آهي ڇو ته 6 جوابدارن مان صرف ٻه گرفتار ٿي سگهيا آهن جڏهن ته باقي ملوث جوابدار مفرور ڄاڻايا ويا آهن ۽ مظلوم عورت جي ڪنهن به مالڪي نه ڪئي آهي.
عورتن جي مٿان ٿيندڙ تشدد جا واقعا نوان ناهن پر اهڙي قسم جو تشدد ڪندڙ مردن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه ٿو آندو وڃي ۽ قانون جي رٽ بحال نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب اهڙن وحشي درندن کي قانون موجب سزا نه ملڻ سبب اهڙن واقعن ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ عورت جي تشدد جا ڪيترائي واقعا روزانو رپورٽ ٿين پيا، عورتن تي جسماني ۽ ذهني تشدد ٿئي ٿو جنهن سبب ڪيتريون ئي عورتون زندگي کان تنگ اچي خودڪشي ڪن ٿيون ۽ پنهنجي انمول زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏين ٿيون، عورتن کي شڪ جي بنياد تي تهمتون هڻي ڪارو ڪاري جهڙي فرسوده قسم جي سوچ سبب عورت ڪاري ڪري ماري وڃي ٿي پرعورت ڪاري ناهي هوندي، اها انهن مخصوص فردن جي فرسوده سوچ آهي جنهن پٺيان هڪ وڏو ڪارڻ جهالت ۽ دقيانوسي سوچ آهي،ان کان علاوه قانون تحرڪ ۾ نه ٿو اچي جنهن سبب عورتون تشدد جو نشانو بڻجي رهيون آهن يا قتل ڪيون ٿيون وڃن، اهڙن دردناڪ واقعن سان سنڌ ڀري پئي آهي جتي هر آئي ڏينهن حوا ڄائي تشدد جو نشانو بڻجي رهي آهي،
هاڻي هڪ ٻئي واقعي جو پس منظر پيش ڪجي ٿو ته لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي ۾ ڪونج وڳڻ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي جنهن کي پنهنجي سوٽ گوليون هڻي انهي ڪري قتل ڪيو ته هن سندس جي ڀاءُ سان شادي نه ڪئي ۽ انڪار ڪرڻ تي ناري کي قتل ڪيو ويو ۽ ميڊيا رپورٽس موجب اها ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته ايڏو سانحو ٿيڻ باوجود پوليس اڃان تائين جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي، انهيءَ کان علاوه خانپور مهر ۾ اجتمائي لڄالٽ جو نشانو بڻيل مائي خورشيد جو واقعو به پيش ڪجي ٿو جنهن کي 7جوابدارن گهر ۾ گهڙي اجتمائي لڄالٽ جو نشانو بڻايو جيڪو ڏاڍ ۽ جبر آهي ۽ اهڙن وحشي صفت درندن کي قانون موجب سزا نه ٿي ملي تنهڪري اهڙا واقعا وڌي رهيا آهي،سماج ۾ اهڙن واقعن جي پٺيان هڪ دردناڪ ڪهاڻي آهي ته خوني قاتل ۽ جنسي زيادتي ڪندڙ قانون جي گرفت کان آجا ٿي وڃن ٿا،مظلومن کي انصاف نه ٿو ملي ۽ ظالم کي سزا نه ٿي ملي تنهنڪري مظلوم کي مايوسي پلئه پوي ٿي ۽ ظالم جا حوصلا بلند ٿين ٿا.
سنڌ اندر ڪيترائي عورتن جي تشدد وارا واقعا رپورٽ ٿين ٿا پر اهڙا واقعا گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن، عورتن کي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو ٿو وڃي ته ڪٿي عورت پئسن عيوض جانورن جيان وڪرو ٿئي ٿي جيڪا سدائين طعنا ۽ مهڻا سهندي رهي ٿي ۽ ان جي عزت هڪ خريد ڪيل غلام واري هجي ٿي، عورت نه صرف مڙس جي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻجي ٿي پر پنهنجي سس، سهري،ڏيرن ۽ ڏيرياڻن جي جهيڙن ۽ جهڳڙن سان منهن ڏئي ٿي جنهن سبب عورت ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿي ۽ گهريلو پريشانين کان تنگ ٿي خودڪشي جو رستو اختيار ڪري ٿي، عورت کي آزديءَ سان جيئڻ ۽ سک جو ساح کڻڻ به نه ٿو ڏنو وڃي