اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه حامد رضا چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان ملاقات ٿي، واضح ڪريان ٿو ته ڪا بيڪ ڊور ڊيل ناهي ٿي رهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي صاحبزاده حامد رضا جو چوڻ هو ته حڪومت شيڊيول کان هٽي ڪري اجلاس گهرايو آهي، اسان کي خدشا آهن ته حڪومت آئين جي بنيادي روح خلاف قانون سازي چاهي ٿي.
هن چيو ته حڪومت چوري ٿيل مينڊيٽ سان آئي آهي، ڪجهه غلط ڪندي ته گوڙ ته ٿيندو، اسان پنهنجي حڪمت عملي تي مشاورت ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته تصديق ڪريان ٿو ته ڪو بيڪ ڊور رابطو ناهي.
Next Post
You might also like