ويٽنام: ڪوئلي جي کوٽائي دوران پنج ڄڻا دٻجي فوت

هنوئي ( ويب ڊيسڪ ) ويٽنام ۾ شديد برساتن کانپوءِ ڪوئلي کي کاڻ ڪِرڻ سبب پنج ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، ڪوئلي جي کاڻ ڪِرڻ جو واقعو سومر جي ڏينهن پيش آيو جنهن کانپوءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ کاڻ مان پنجن ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا.
رپورٽ موجب، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چوڻ اهي ته سومر جي ڏينهن هيلونگ شهر ۾ تيز برسات ٿي جنهن دوران اِهو واقعو پيش آيو جڏهن ته برسات دوران لينڊ سلائيڊنگ جي واقعا به پيش آيا.
واضح رهي ته ويٽنام پنهنجي ٻارڻ جي ضرورت جو گهڻي ڀاڱي حصو ڪوئلي ذريعي هلندڙ پلانٽس مان حاصل ڪندو آهي ۽ ويٽنام ۾ اهڙي قسم جا واقعا پهريان به ٿيندا رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.