محسن نقوي کي هڪ ٻيو اهم عهدو ملڻ وارو

ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ايندڙ ٻن سالن جي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ صدارت سنڀاليندو، محسن نقوي اي سي سي جو نئون صدر هوندو.
ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو صدر روٽيشن پاليسي تحت مقرر ٿيندو آهي، هن وقت ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو صدر ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو سيڪريٽري جئه شاهه آهي، جي ملازمت جي مدي ۾ هلندڙ سال جنوري ۾ هڪ سال تائين جي واڌ ڪئي وئي هئي.
ايندڙ ٻن سالن لاءِ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو نئون صدر هوندو، جئه شاهه مدو پورو ٿيڻ تي اي سي سي جي صدارت کان ڌار ٿي ويندو.
اي سي سي جي گذريل اجلاس ۾ نئين صدر بابت ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، آڪٽوبر نومبر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ باظابظا طور نئين صدر جو اعلان ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.