نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ميڊيا تي ميٽرڪ جي هڪ مارڪ شيٽ وائرل آهي جنهن بابت دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اِها مارڪ شيٽ اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي آهي.
مارڪ شيٽ موجب، ويرات ڪوهلي 2004ع ڀارت جي پشچشم وهار جي سيوئير ڪانوينٽ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو هو.
مارڪ شيٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ويرات ڪوهلي انگلش جي مضمون ۾ سڀ کان وڌيڪ مارڪون کنيون پر ان سان گڏوگڏ ٻين مضمونن ۾ به زبردست ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.
مارڪ شيٽ موجب، ويرات ڪوهلي سڀ کان گهٽ نمبر رياضي ۽ سائنس ۾ حاصل ڪيا.
ڀارتي ميڊيا موجب، ويرات ڪوهلي سيوئير ڪانوينٽ اسڪول مان ئي ٻارهين جماعت تائين تعليم حاصل ڪئي آهي، ان کان اڳ نائين جماعت تائين ڪوهلي وشال ڀارتي پبلڪ اسڪول ۾ پڙهيو.
ويرات ڪوهلي مختلف انٽرويوز ۾ ٻڌائي چڪو آهي ته سندس پسنديدا مضمون تاريخ هو ڇو ته کيس تاريخ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي هئي.
You might also like