ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي جي حوالي سان وفاقي حڪومت اڃا تائين پيپلزپارٽي سان باظابطا رابطو ناهي ڪيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران شرجيل ميمڻ چيو ته وفاقي حڪومت پابندي جو مامرو ڪابينا ۾ کڻي نوٽيفاءِ ڪري بعد ۾ پيپلزپارٽي پنهنجو فيصلو ڪندي.
صوبائي وزير ٻڌايو ته نيئر بخاري جو بيان اچي چڪو آهي، پيپلزپارٽي جو موقف واضح آهي، اڃا پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو ناهي ڪيو.
هن چيو ته هي سسٽم ۽ حڪومت هلندي رهندي، عوام ۽ سيڙپڪارن کي پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، ملڪ ۾ ڪجهه به ٿيڻ نه پيو وڃي.
Pakistan PTI PPP