عدالت شاهه محمود قريشيءَ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشيءَ جي اڊيالا جيل مان وڊيو لنڪ تي حاضري جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالت چيو ته شاهه محمود قريشي موجب اڊيالا جيل راولپنڊي کان لاهور جو سفر ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ آهي، وڊيو لنڪ تي حاضري مڪمل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪئي وڃي.
عدالت شاهه محمود قريشي جي درخواست رد ڪندي کيس ڪرمنل ڪيس جي ٽرائل ۾ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت آءِ جي جيل شاهه محمود قريشي کي اڊيالا کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج خالد ارشد ٻن صفن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوَ مئي ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي تي فرم جرم لاڳو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.