اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق غير ضروري پرڏيهه دورن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب اسپيڪر سرڪاري خرچ تي کاڌي پيتي تي به پابندي لڳائي آهي، پابندي پارليماني وفد ۽ اسيمبلي آفيسرن تي لاڳو هوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گھٽ وقت ۽ مختصر وفد کي اجازت هوندي، اسپيڪر سرڪاري خرچن تي ريفريشمينٽ تي به پابندي لڳائي ڇڏي.