شهباز شريف مان جلد پاڪستان جي جند ڇٽي ويندي:فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هاڻوڪو سيٽ اپ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي،متبادل آئيڊيا ملندي ئي وزيراعظم شهباز شريف کان پاڪستان جي جند ڇُٽي ويندي.
سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اسٽيبلشمينٽ 18 سيٽن جي بنياد تي شهباز شريف کي وزيراعظم بڻايو.
هن چيو ته شهباز شريف کي ان اميد تي وزيراعظم بڻايو ويو ته هو آصف زرداري سان گڏجي اسٽيبلشمينٽ جي سياسي بيانيي جو بار کڻندو ۽ پي ٽي آءِ باني جي مقبوليت ۾ گهٽتائي ايندي.
اڳوڻي وفاقي وزير ٻڌايو ته اسٽيبلشمينٽ کي هاڻوڪي سيٽ اپ مان ڪو به فائدو نه ٿيو، سيٽ اپ کان نه سياست هلي رهي آهي نه معيشت، هي سيٽ اپ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.