ڇا گرم چانهه پيئڻ سان جسم ٿڌو ٿيندو آهي؟

جڏهن موسم گرم هوندي آهي ته گھڻا ماڻهو ٿڌا شربن پيئڻ پسند ڪندا آهن.

پر ڪيترائي ماڻهو ٿڌي بدران گرم شربت جهڙوڪ چانهه جي چونڊ ڪندا آهن.

پاڪستان ۾ گھڻا ماڻهو سڄو سال گرمين جي موسم دوران به چانهه پيئڻ پسند ڪندا آهن ۽ ائين چيو ويندو آهي ته چانهه يا ڪافي پيئڻ سان جسم کي ٿڌو رکڻ ۾ مدد ملندي آهي.

پر ڇا واقعي گرم شربت اوهان جي جسم کي ٿڌو رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن؟

ته ان جو ننڍو جواب ها آهي پر گهرائي ۾ وڃي ڏٺو وڃي ته ان جو دارومدا مختلف عنصرن تي هوندو آهي.

برطانيا جي ڪنگز ڪاليج لنڊن جي پروفيسر پيٽر Mc Naughton اهڙن موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪندو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته گرم شربتن سان واقعي پاڻ کي ٿڌو رکڻ ممڪن آهي.

هن ٻڌايو ته ٻڌڻ ۾ ته اهو درست نٿو لڳي پر گرم شربت جهڙوڪ چانهه پيئڻ سان جسمان گرمي پد ۾ گھٽتائي ايندي آهي، پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته موسم گھڻي جهڙالي نه هجي.

هن ٻڌايو ته جيڪڏهن چانهه يا ڪو شربت جسم کان وڌيڪ گرم هجي ته ان کي پيئڻ سان يقينن گرم جو احساس ٿيندو، پر پوءِ اسان جي جسم جي اندر هڪ نظام سرگرم ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته اهڙن شربتن جي استعمال تي اسان جا اعصاب هڪ ريسيپٽرٽي آر پي وي 1 کي متحرڪ ڪندا آهن، جيڪو جسم کي ٿڌو ٿيڻ جي هدايت ڪندو ڪندو اهي ۽ پگھر خار ٿيندو آهي .

کَلَ تي گھر گڏ ٿيڻ سان پکي جي هوا وڌيڪ خوشگوار محسوس ٿيڻ لڳندي آهي ۽ پگھار بخار بڻجي اڏامڻ لڳندو آهي.

پروفيسر پيٽر ٻڌايو ته اسان جي زندگي جو دارومدار پگھر تي هوندو آهي ڇو جو ان سان اسان وڌيڪ گرمي پد کي برداشت ڪرڻ جوڳا ٿي ويندا آهيون.

هن ٻڌايو ته گرم ۽ خشڪ ڏينهن ۾ گرم شربتن سان جسم کي ٿڌو رکڻ ۾ مدد ملندي آهي پر اهو طريقيڪار ان وقت اثرائتو ثابت ناهي ٿيندو جڏهن هوا ۾ گھم جو مقدار گھڻو هجي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته جهڙالي موسم ۾ هوام ۾ پاڻي جي بخارن جو مقدار گھڻو هوندو آهي ۽ اهي اسان جي کَلَ تي جذب ناهن ٿيندا، انهيءَ ڪري جهڙالي موسم ۾ گرمي جو احساس وڌيڪ ٿيندو آهي.

2012ع جي هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو هو ته جڏهن پگھر مڪمل طور تي بخار بڻجي اڏامندو آهي ته گرم شربتن سان پاڻ کي عارضي طور تي ٿڌو رکڻ ۾ مدد ملندي آهي.

ان جي ابتڙ ٿڌا شربت پيئڻ سان جسماني گرمي پد گھٽجي ويندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ دماغ پگھر خارج ڪرڻ لاءِ گھٽ هدايتون ڏيندو آهي ته جيئن جسماني گرمي پد معمول تي رهي سگھي، تنهنڪري خشڪ موسم ۾ ٿڌا شربت گھٽ پگھر خارج ڪرڻ لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگھن ٿا.

گرم شرب هڪ ٻئي طريقي سان به جسم کي ٿڌو رکڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن.

انهن شربتن سان جسم ۾ پاڻي جي مقدار ۾ گھٽتائي ناهي ايندي جنهن سان پگھر بڻجڻ جو عمل متاثر ناهي ٿيندو.

لنڊن ڪاليج يونيورسٽي جي محقق Cini موجب جيڪڏهن اوهان پاڻي جي جاءِ تي ڇانهه جا 10 ڪوپ پي ڇڏيندا آهن ته ان سان به جسم ڊي هائڊريشن جو شڪار ناهي ٿيندو.

هن مشورو ڏنو ته سڄي ڏينهن پاڻي يا ٻين شربتن جو استعمال ڪرڻ ضروري آهي ڀلي اُڇَ محسوس ٿئي يا نه.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، پڙهندڙ ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.