مخصوص سيٽن جي حڪم تي نظرثاني درخواستون عدالتي موڪلن کانپوءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي 18 جولاءِ تي ٿيل 17 هين اجلاس جا منٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
دستاويز موجب، مخصوص سيٽن واري فيصلي تي نظرثاني درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ وارو معاملو بحث هيٺ آيو، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر چيو ته نظرثاني صرف اِهي ئي 13 جج ٻڌي سگهن ٿا جن مرڪزي ڪيس ٻڌو، جڏهن ته ڪيس جو تفصيلي فيصلو به اڃا جاري ناهي ٿيو.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي فيصلو ڪيو ته نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي گرمين جي موڪلين کانپوءِ ٿيندي.
ججز ڪميٽي ٻه هڪ جي اڪثريت سان نظرثاني درخواستون گرميءَ جي موڪلن کانپوءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو .
دستاويز موجب، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني درخواستون موڪلن کانپوءِ مقرر ڪرڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪئي جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر فوري نظرثاني درخواستون مقرر ڪرڻ جي خلاف راءِ ڏني.
چيف جسٽس موقف اختيار ڪيو ته ماڻهن جا آئيني حق اسان جي موڪلن کان وڌيڪ اهم آهن، ناانصافي ٿيندي جيڪڏهن اپيلن کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو ويو .
جسٽس منيب اختر چيو ته رولز موجب عدالتي سال سپٽيمبر جي ٻئي سومر کان شروع ٿيندو، چيف جسٽس 15 جولاءِ کان عدالتي موڪلن جو اعلان ڪيو، موڪلون ڪنهن روز جي مطابق رد نه ٿيون ڪري سگهجن ۽ ڪميٽي يا چيف جسٽس عدالتي موڪلون رد نه ٿا ڪري سگهن.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏيندي مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نون ليگ ۽ اسيمبلي ميمبرن نظرثاني درخواستون داخل ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.