بنگلاديش ۾ حالتون ڪنٽرول مان نڪري ويون، قانون ٽوڙيندڙن کي گولي هڻڻ جو حڪم

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن جو احتجاج شدت اختيار ڪري ويو، احتجاج تي ظابطو آڻڻ لاءِ سموري ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ امن امان جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
عوامي ليگ جي حڪومت احتجاج کي روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، روڊن تي فوج گشت ڪري رهي آهي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، حڪومت ايندڙ فيصلي تائين ڪرفيو سڀاڻي صبح ڏهه وڳي تائين جاري رهندو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، 19 جولاءِ تي احتجاج دوران پوليس مظاهرين خلاف سڌي ريت هٿيارن جو استعمال ڪيو جنهن ۾ وڌيڪ ٻه ڄڻا مارجي ويا، جنهن کانپوءِ بنگلاديش ۾ جاري پُرتشدد مظاهرن ۾ فوتگين جو انگ 123 ٿي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، پهرئين ڏينهن رڳو پوليس ميدان ۾ هئي پر پوءِ بارڊر گارڊ فورس کي طلب ڪيو ويو پر ان باوجود حالتون ويتر خراب ٿي ويون جنهن کانپوءِ ڪرفيو لاڳو ڪري فوج کي مقرر ڪيو ويو .
ان کانسواءِ سموري ملڪ ۾ انٽرنيٽ ۽ ٽيڪسٽ ميسج سروسز معطل آهن، سمنڊ پار فون ڪال سروس به بند آهي، مقامي ميڊيا جون ويب سائيٽون ۽ سوشل ميڊيا اڪائوئنٽس به اَپ ڊيٽ ناهي ٿي رهيا.
ڇڪتاڻ واري صورتحال تي وزيراعظم شيخ حسينه واجد پرڏيهي دورا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن، ملڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي بنگلاديشي سرڪار آچر ۽ سومر تي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ٻئي پاسي بنگلاديشي سپريم ڪورٽ ۾ ڪوٽا سسٽم بحالي خلاف سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.