ثانيا مرزا جي محمد شامي سان شادي؟ ڪرڪيٽر خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڀارت جي اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي والد عمران مرزا کانپوءِ ڪرڪيٽر محمد شامي به ثانيا مرزا سان شادي وارين خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
ڀارتي ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان ثانيا مرزا ۽ محمد شامي جي مستقبل ۾ شادي ڪرڻ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن، ڀارتي ميڊيا توڻي سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن موجب، ثانيا مرزا ۽ محمد شامي 20 آگسٽ 2024 تي شادي ڪري رهيا آهن.

اهڙي قسم جي خبرن تي ثانيا مرزا جي والد عمران مرزا واضح ڪيو هوته هي سڀ بڪواس آهي، ثانيا ته محمد شاميءَ سان ڪڏهن ملي به نه آهي.
هاڻ ڪرڪيٽ محمد شامي به هڪ اهڙين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انهن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ محمد شامي کان جڏهن ثانيا مرزا سان شادي بابت خبرن تي سوال ڪيو ويو ته هن اهڙيون خبرون پکيڙندڙ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سندس گذارش آهي ته سوشل ميڊيا تتي اهڙيون بي بنياد خبرون پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
محمد شامي چيو ته هو روز هڪ عجيب صورتحال مان گذري ٿو، فون کوڻ شرط پنهنجون ئي تصويرون ڏسي ٿو، مڃيان ٿو ميمز مذاق لاءِ هونديون آهن پر ڪنهن جي زندگيءَ بابت ڪجهه به پوسٽ ڪرڻ کان ٿورو دماغ هو استعمال ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.