ڪراچي:ڌرڻي ۾ صحافين ۽ مظاهرين تي تشدد ڪندڙ 4 اهلڪار معطل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ٽي تلوار وٽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي دوران مظاهرين ۽ صحافين تي تشدد ڪندڙ 4 اهلڪار معطل ٿي ويا.

گذريل رات ڌرڻو ختم ڪرائڻ دوران مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون، پوليس 20 کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪيو هو،  اهلڪار ڊي آءِ جي اسد رضا جي موجودگيءَ ۾ مظاهرين تي تشدد ڪندا رهيا.

گهرو وزير ضياءَ لنجار جي نوٽيس بعد ڊي آءِ جي سائوٿ سيد اسد رضا چئن اهلڪارن احسان خان، عرفان علي، عرفان نيازي ۽ اسد خان کي معطل ڪري ڇڏيو.

ٻئي پاسي پوليس پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ ڌرڻي ۾ گرفتار ڪيل سمورن مظاهرين کي آزاد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
Pakistan Sindh Police

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.