گرميءَ جي ستايل ڪراچي واسين تي نيٺ رحمت جا ڪڪر وسي پيا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ۽ ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن بعد موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب، شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪڪر وسڻ شروع ٿي ويا آهن، جڏهن ته گزري، ڪلفٽن، ڊفينس، لياري، آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر، گلشنِ حديد ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي.
هوڏانهن سرجاڻي ٽائون، نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، گلشن اقبال، گلستان جوهر، سهراب ڳوٺ، ڪورنگي ۽ لانڍي سميت مختلف علائقن ۾ برسات پئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.