ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير)ايم اين اي ۽ ايم پي اي هٿياربندن جا ٽولا کڻي اسان کي عدالت وڃڻ کان روڪڻ لاء ڌمڪائين ٿا, ان ڪري 3 حاضرين تي عدالت نه وڃي سگهيا آهيون سموري خاندان کي ماري ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون ملن پيون شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي ۽ ڀاء يعقوب گڏاڻي هڪ دفعو ٻيهر شهيد نصرالله جو ڪيس گهوٽڪي ضلعي مان ڪنهن ٻئي ڊويزن ۾ منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي, عوامي آواز سان ڳالهائيندي شهيد صحافي نصرالله جي ڀاء يعقوب گڏاڻي چيو ته اسان کي ڪيس جي جاچ آفيسر سراج احمد لاشاري مٿان اعتماد آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته هو اسان سان حق ڪندو, يعقوب گڏاڻي چيو ته اسان هڪ دفعو ٻيهر چيف جسٽس آف پاڪستان, چيف جسٽس سنڌ ۽ اعلي آفيسرن کان مطالبو ڪيون ٿا ته شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس گهوٽڪي مان ڪنهن ٻئي ڊويزن منتقل ڪيو وڃي ڇو جو اسان کي گهوٽڪي ضلعي ۾ خطرو آهي، ايم اين اي، ايم پي اي جا هٿياربند اسان جي حاضري دوران رستا روڪ ڪن ٿا اسان کي عدالت اچڻ کان روڪڻ لاء وڏي تعداد ۾ هٿياربندن ذريعي اسان روڪڻ ۽ هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن اسان جي خاندان کي ماري ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن ته جيئن اسان شھيد نصرالله جي ڪيس جي پوئيواري نه ڪيون يعقوب گڏاڻي وڌيڪ چيو ته اسان جا ماٸٽ شاھ محمد ۽ طالب گڏاڻي اسان جا ماروٽ آهن پر 18 سالن کان اسان جا انهن سان رشتا ناتا ختم آهن اهي پئسا وٺي خالد لنڊ سان گڏ گهمي رهيا آهن پر اسان انهن کان هڪ دفعو ٻيهر مڪمل لاتعلقي جو اظهار ڪريون ٿا انهن جو نصرالله جي ڪيس توڙي اسان سان ڪو به تعلق نه آهي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي چيو ته نصرالله حق سچ خاطر شهيد ٿيو اسان به حق لاء جدوجهد ڪيون پيا ڪيس جو جاچ آفيسر سراج احمد لاشاري سٺو آفيسر آهي اسان کي ان مان پوري اميد آهي ته اسان سان حق ڪندو امڙ پٺاڻي چيو ته پهرين آگسٽ تي ڪيس جي حاضري آهي جنهن بعد نصرالله جي قاتلن جي گرفتاري لاء ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪنديس ۽ سنڌ واسين کي هڪ دفعو ٻيهر احتجاج لاء اپيل ڪنديس.