اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا بجلي چورن ۽ ڊفالٽرز کان اوڳاڙين تي انعامي رقم وڌائي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا سمري سرڪيوليشن سان ڪابينا توانائي واري ڪاميٽي جي فيصلن واڌ ڪري ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رهتون نه ڏيندڙن کان اوڳارين تي انعامي رقم 5 کان وڌائي 30 سيڪڙو ڪئي وئي آهي جيڪا ڊسڪوز عملي، سول انتظاميا پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ملندي.
ذريعن ٻڌايو آهي ته بجلي چوري جو سراغ لڳائڻ تي گهٽ ۾ گهٽ اوڳاڙي شرح 100 سيڪڙو بدران 80 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
انٽليجنس ايجنسي جي آفيسرن کي ڊسڪوز سپورٽ يونٽ ۾ شامل ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن کي رقم جي ادائيگي لاءِ گائيڊ لائينز تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
Pakistan NEPRA FederalCabinet