واٽس ايپ ۾ هڪ بهترين سيڪيورٽي فيچر جي واڌ

واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙي ڪارآمد فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي، جيڪو واهپيدارن کي آنلائن فراڊکان بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
ويب ٽين انفو جي رپورٽ موجب ميٽا جي ميسجينگ ايپ ۾ سيڪيورٽي چيڪ اپ نالي فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
اهو فيچر هاڻي اينڊرائڊ ڊيوائسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
انهي فيچر ذريعي واهپيدار پنهنجي سيڪيورٽي سيٽنگز تائين آساني سان پهچ حاصل ڪري پنهنجي پسند موجب ان ۾ تبديليون ڪري سگهبيون.
رپورٽ موجب انهي فيچر ۾ واهپيدار آساني سان سيڪيورٽي سيٽنگز تي نظرثاني ڪري سگهندا، فيچر جو مقصد واهپيدارن جي اڪائونٽس کي واڌو سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ آهي.

whatsapp newfeature technology

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.