سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپئگينڊا خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپيگينڊا خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي ذريعن موجب حڪومتي فيصلن ذريعي پي ٽي اي فائر والز جي انسٽاليشن لاءِ ٻوليون گهرائي ورتيون آهن.

انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙ ڪمپنين تي نيڪسٽ جنريشن ۽ اپليڪيشن فائر والز نصب ڪيا ويندا.

نيڪسٽ جنريشن فائر وال ڊيپ پيڪٽ انسپڪشن جي صلاحيت جي حامل هوندي جنهن کي ڊي پي آءِ ٽيڪنالاجي سان ڊيٽا جي ليئر تائين ڏٺو ويندو.

پي ٽي اي ذريعن موجب نيڪسٽ جنريشن فائر وال سان ريئل ٽائيم ڊيٽا جي مانيٽرنگ ۽ يو آءِ ايل فلٽرنگ، اپليڪيشن ڪنٽرول ۽ مالويئر پروٽيڪشن ٿي سگهندي.

نيڪسٽ جنريشن فائر وال سائبر سيڪورٽي خطرن خلاف قدمن ۽ ويب ايپليڪيشن فائر وال ڊيٽا مانيٽرنگ ۽ فلٽرنگ ڪري سگهندي.

Pakistan Socialmedia CrackDown

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.