ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ هڪ عجيب قسم جو واقعو پيش آيو آهي جتي ڪنوار ايئر ڪولر جي ويجهو ويهڻ تان جهيڙي سبب شادي کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو.
اڄڪلهه پاڪستان سميت ڀارت ۾ گرمي عروج تي آهي ۽ ڪٿي به جيڪڏهن اهڙي موسم ۾ شادي هجي ته مهمانن جي ڪوشش هوندي آهي ته هالز ۾ اي سي يا پکي جي آڏو ويهجي ته جيئن گرمي کان بچي سگهجي.
اهڙو ئي واقعو ڀارت ۾ پيش آيو جنهن نيٺ شادي ئي روڪرائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اِهو واقعو اتر پرديش جي ضلعي باليا ۾ پيش آيو جتي حڪم چندر جئسوال جي شادي ڇڪتاڻ ۾ تبديل ٿي وئي.
ڪنوار جي گهرڀاتين ايئر ڪولهر ڀرسان ويهڻ جو چيو جنهن تي سندن ڪجهه مهمانن سان ڏند چڪ ٿي پيا ۽ شادي هال جنگ جو ميدان بجي ويو، ڪنوار جڏهن اِهو ڏٺو ته فوري طور شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڪوانر کي شادي لاءِ پرچايو ويو پر هوءَ راضي نه ٿي ۽ چيو ته جيڪڏهن شادي جي شروعات اهڙي ٿي آهي ته شادي کانپوءِ ڇا ٿيندو؟
جنهن بعد اِهو معاملو پنچائت ۾ به ويو پر ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو.
ٻئي پاسي گهوٽ پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي ۽ درخواست ڪئي ته سندس شادي ڪرائي وڃي، ان کانسواءِ سندس چوڻ هو ته ڪنواريتا پنهنجو سامان ۽ ڏنل پئسن جي واپسيءَ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
You might also like