پاڪستاني اداڪارا سحر خان کي ڀارتي شخص شادي جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.
اداڪارا اڄڪلهه پنهنجي ڊراما سيريل ”جفا“ ۾ عندليپ جو جاندار ڪردار نڀائي خوب خبرن ۾ آهي.
ڊرامي جي نشر ڪئي ويندڙ قسط ۾ سحر خان نمير جو ڪردار نڀائڻ واري عثمان مختار جي ڪنوار بڻجي.
اداڪارا فيشن ڊيزائنر سائرا رضوان جي جوڙي ۾ ڪنوار ٿيل ڪجهه دلڪش تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون.
تصويرن سان ڪيپشن ۾ هن لکيو ته ”هي الوداع ناهي جيڪو تڪليف ڏيندو هجي، اصل تڪليف ته فليش بيڪس آهي، جيڪو بعد ۾ پيڇو ناهي ڇڏيندو.
سحر خان جي اس پوسٽ تي سندن چاهيندڙن تعريف جي لائين لڳائي ڇڏي، ڪنهن ايندڙ قسط لاءِ بي صبري جو انتظار ڪيو ته ڪنهن سحر خان جي ڪمال ايڪٽنگ جي تعريف ڪئي.
انهن ڪمينٽ ڪرڻ وارن ۾ هڪ وسيم نالي ڀارتي شخص به هو، جنهن سحر خان جو رشتو گهري ورتو.
وسيم نالي واهپيدارن لکيو ته هڪ ڀيرو منهنجي رشتي جو انتظار ضرور ڪجان، مان انڊيا کان آهيان، پاڪستان اچڻ جا سڄا انتظام ڪري رهيو آهيان، هڪ ڀيرو ملي وٺو پسند نه اچان ته پوءِ ڀلي ڪنهن ٻئي سان شادي ڪري وٺجو.
هزارين ڪمينٽس جي وچ ۾ سحر خان انهي ڪمينٽس جي جواب ۾ ”جي جي ضرور“ لکيو.
ياد رهي ته سحر خان ڊراما سيريل ”فيري ٽيل“ سان بي انتها شهرت حاصل ڪئي، ڊراما سيريل ”سانوري“ سان پنهنجي سڃاڻ ٺاهي ۽ پنهنجي شوبز ڪيرئر ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهي.
Pakistan Seharkhan wedding