لاهور (ويب ڊيسڪ) هدايتڪار ۽ اسڪرين رائٽر پرويز ڪليم اداڪار دانش تيمور کي گستاخ ۽ بي ادب قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
هڪ يوٽيوب انٽرويو دوران ميزبان پرويز ڪليم کان سوال ڪيو ته تازو کي فلم ڊائريڪٽر اقبال ڪشميري دانش تيمور کي پنهنجي پراجيڪٽ ۾ وٺڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر هن انڪار ڪيو.
ميزبان پڇيو ته ڇا سبب آهي ته پهريان جيڪي آرٽسٽ ڪم لاءِ ترسندا هئا هاڻي اهي اوهان سميت اقبال ڪشميري ۽ چوڌري ڪامران سان گڏ ڪم ڪرڻ نٿا چاهن؟.
ميزبان جي سوال جي جواب ۾ پرويز ڪليم چيو ته دانش تيمور بدنصيب آهي جيڪو اقبال ڪشميري سان گڏ ڪم نه ڪري سگهيو، دانش تيمور پاڻ کي پاڪستان جو راڪ هڊسن سمجهندو آهي.
هن جو چوڻ هو ته دانش تيمور بي ادب ڇوڪرو آهي، سندس فلمون فلاپ ٿيڻ جو سبب به بي ادبي آهي، هو گستاخ به آهي، اڄ به هو معافي وٺي ته الله کيس معاف ڪري ڇڏيندو.
ٻئي پاسي پرويز ڪليم اداڪار فيصل قريشي ۽ اداڪار سعود کي فلم انڊسٽري ۾ ڊيبيو ڪرائڻ جي به دعويٰ ڪئِي.
pakistan pervaizkareem faisalquraishi