عائشا جهانزيب تشدد ڪندڙ مڙس سان ٺاهه ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) گهريلو تشدد جو شڪار مشهور ٽي وي اينڪر عائشا جهانزيب ۽ سندس مڙس حارث علي وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو.
لاهور جي سيشن عدالت ۾ اڄ عائشا جهانزيب پنهنجي وڪيل ممتاز معرفت بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پيش ٿي، ٻڌڻي دوران جوڙي وچ ۾ راضي نامي جو معاهدو طئي ٿي ويو.
عدالت اينڪر سان استفسار ڪندي چيو ته چهرو ڏسي لڳي رهيو آهي ته اوهان تي وڏو ظلم ٿيو آهي، ڇا اوهان پنهنجي مرضي سان آيا آهيو؟.
عائشا جهانزيب جواب ۾ ڏنو ته اهو جيڪو ٿيو ڏاڍو ظلم آهي، ڪنهن عورت سان ائين نه ٿيڻ گهرجي، پر جيڪو وڏن جو فيصلو آهي مان انهي کي مڃان ٿي.
هن عدالت ۾ بيان ڏنو ته ڪيس جي پيروي نٿي ڪرڻ چاهيان، شاهدن جي موجودگي ۾ اهو فيصلو ٿيو آهي.
جج رمارڪس ڏنا ته راضي نامو ضمانت جي حد تائين منظور ڪري رهيا آهيون، برئيت جو فيصلو چالان تي ٿيندو.
واضح رهي ته ڪينٽ ڪچهري عدالت عائشا جهانزيب جي مڙس حارث علي کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي رکيو آهي.

anchor AishaJhanzaib pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.