ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي سرڪاري زمين جي مڪمل حفاظت ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته مان ڪنهن کي به سرڪاري زمين جو هڪ به قبضو نه ڪرڻ ڏيندس.
وڏي وزير جي صدارت هيٺ ملير ايڪسپريس وي تي فالو اپ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، سعيد غني، ضياءُالحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس کي خطاب دوران وڏي وزير هدايتون جاري ڪندي چيو ته ملير ايڪسپريس وي جي پهرئين مرحلي تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي، ڄام صادق پل کان شاهه فيصل ٽائون 15 ڪلوميٽر جو روڊ پهرئين مرحلي ۾ مڪمل ڪيو وڃي.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته مان آگسٽ جي آخر سان وري سيپٽمبر ۾ 15 ڪلوميٽر ملير ايڪسپريس وي کي کولڻ چاهيان ٿو، ملير ايڪسپريس وي ايئرپورٽ جو هڪ متبادل روٽ به بڻجي ويندو.
اجلاس دوران وڏي وزير ملير ايڪسپريس وي کي مڪمل ڪرڻ جي ٽائم لائن به گهري ورتي.
وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي ملير ايڪسپريس وي مان ري ڪليم ٿيندڙ زمين جي سروي ڪرڻ جي هدايت ڪندي 15 ڏينهن ۾ سروي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
You might also like