اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي توشاخانا نئين ريفرنس ۾ گرفتاري چئلينج ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي اها درخواست بئريسٽر سلمان صفدر ۽ خالد يوسف ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي جنهن ۾ نيب چيئرمين، ڊي جي نيب ۽ ٻين نيب آفيسرن کي ڌر بڻايو ويو آهي.
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته گرفتاري غيرقانوني آهي، آزاد ڪرڻ جا حڪم ڏنا وڃن، اڳتي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن سان مشروط ڪئي وڃي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ باني، بشريٰ بي بي جاچ ۾ شامل آهن، گرفتاري جي ضرورت ناهي، عدت ڪيس ۾ آزادي کانپوءِ فوري پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي گرفتاري جي ضرورت نه هئي.
درخواست ۾ چيو ويو ته اعليٰ عدليه وري وري چيو ته رڳو نامزد ٿيڻ تي ڪنهن به شخص کي فوري گرفتار نه ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ باني، بشريٰ بي بي جي گرفتاري اعليٰ عدليه جي حڪمن جي به ڀڃڪڙي آهي.
You might also like