نيروبي ( ويب ڊيسڪ ) ڪينيا جي صدر وليم روٽو حڪومت مخالف ملڪ گير احتجاج کانپوءِ پرڏيهي وزير ۽ نائب صدر کانسواءِ پوري ڪابينا برطرف ڪري ڇڏي ۽ عوامي مطالبي تي سمورين طبقن جي نمائندگي ڪندڙ قومي حڪومت جي قيام جو اشارو ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪينيائي صدر عوام کي پُرامن رهڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هو قومي حڪومت جي قيام لاءِ مختلف سياسي ڌرين سان مشاورت ڪري رهيو آهي تيستائين عوام صبر جو مظاهرو ڪري .
هن چيو ته ڪابينا جي خراب ڪارڪردگي به ان کي ختم ڪرڻ جو سبب بڻي، جنهن خلاف عوام ملڪ گير تحريڪ پڻ هلائي، عوام عوام جا تسليم ڪيان ٿو.