وِڄ ڪِرڻ سبب پنج ڄڻا فوت، ڪيترائي شاگرد زخمي

ڀارت ۾ آسماني وڄ ڪِرڻ سبب 5 ڄڻا فوت ۽ 18 شاگرد زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، وڄ ڪِرڻ جا واقعا بهار رياست جي مختلف ضلعن ۾ پيش آيا.
رپورٽس موجب، بجلي ڪِرڻ جو پهريون واقعو مڌوبني ضلعي جي هٿنا ڳوٺ ۾ پيش آيو جتي ٻني تي ڪم ڪندڙ هارين تي وڄ ڪِري جنهن جي نتيجي ۾ ٻه هاري ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ ٽئين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
ٻيو واقعو ڊومريا ڳوٺ ۾ پيش آيو جتي ٻه عورتون وڄ ڪرڻ سبب حياتي وڃائي ويٺيون جڏهن ته ڀوڄپور ضلعي ۾ اسڪول تي آسماني وڄ ڪرڻ سبب 18 شاگرد زخمي ٿي پيا.
رياست جي وڏي وزير نتيش ڪمار واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي فوتين جي وارثن لاءِ چار لک رُپيا امداد جو اعلان ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.