اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ذريعن طرفان مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي چيو ويو آهي ته اداري ڪنهن به فيصلي جي غلط تشريح ناهي ڪئي ڪڏهن ته انهن 41 ميمبرن کي آزاد اميدوار ڊڪليئر ڪرڻ جي قانون ۾ ڪائي گنجائش نه آهي.
اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن ڪڏهن ناهي چيو ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي نه آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ هڪ سياسي پارٽي آهي جنهن جو نالو سياسي پارٽين جي لسٽ ۾ شامل آهي، پي ٽي آءِ جو نالو سياسي پارٽي طور اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي موجود آهي.
اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب ، ڪميشن ڪنهن به فيصلي جي غلط تشريح ناهي ڪئي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي کي غلط قرار ڏنو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽرا پارٽي اليڪشن تي پي ٽي آءِ مختلف فورمز تي وئي پر اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي برقرار رکيو ويو .
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ کان انٽرا پارٽي چونڊ درست نه هئڻ جي بنياد تي بئٽ جو نشان واپس ورتو ويو.
اليڪشن ڪميشن اِهو به چيو آهي ته اڄوڪي فيصلي ۾ 39 ميمبرن کي پي ٽي آءِ جو ايم اين اي قرار ڏنو ويو آهي، انهن ميمبرن نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجو واسطو پي ٽي آءِ سان ڄاڻايو هو.
ذريعن موجب، ڪنهن به پارٽي جو اميدوار ٿيڻ لاءِ پارٽي ٽڪيٽ ۽ ڊڪليئريشن آراو وٽ جمع ڪرائڻ ضروري آهي، انهن اميدوارن آر او کي پارٽي ٽڪيٽ ۽ ڊڪليئريشن جمع نه ڪرائي هئي، ريٽرننگ آفيسرن لاءِ کين پارٽي اميدوار ڊڪليئر ڪرڻ ممڪن نه هو.
اليڪشن ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جن 41 اميدوارن کي آزاد ڊڪليئر ڪيو ويو انهن نامزدگي ڪاغذن ۾ پي ٽي آءِ جو ذڪر نه ڪيو، انهن ميمبرن نه پارٽي سان واسطو ظاهر ڪيو نه ئي پارٽي ٽڪيٽ جمع ڪرائي.
اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب ، ريٽرننگ آفيسرن انهن 41 ميمبرن کي آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني، چونڊ کٽڻ کانپوءِ ٽن ڏينهن اندر انهن ايم اين ايز سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 41 ميمبرن کي آزاد اميدوار ڊڪليئر ڪرڻ جي قانون ۾ ڪائي گنجائش نه آهي، سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل اپيل داخل ڪئي هئي، جيڪا رد ڪئي وئي.
اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب، پي ٽي آءِ نه اليڪشن ڪميشن ۾ ڌر هئي نه ئي پشاور هاءِ ڪورٽ جي آڏو ڌر هئي، پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ به ڌر نه هئي، پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.
PTI SupremeCourt reservedseatsCase ECP