ٻاويهه ورهيه اڳ لاپتا ٿيل جبل چاڙهو جو لاش ملي ويو

پيرو ۾ ٻاويهه ورهيه اڳ گم ٿيل آمريڪي جبل چاڙهو جو ڄميل لاش هٿ آيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڏکڻ آمريڪي ملڪ پيرو جون چوٽيون سر ڪرڻ لاءِ آيل گهڻي قدر جبل چاڙهو حادثن جو شڪار ٿي ويندا آهن جن مان هڪ جبل چاڙهو وليم اسٽامپفل پيرو ۾ Huascaran جبل جي چوٽي سر ڪرڻ جيڪو اتي حادثي جو شڪار ٿي ويو .
ميڊيا رپورٽس موجب، 59 ورهين جي جبل چاڙهو 2002 چوٽي سر ڪرڻ جي مهم دوران پنهنجي ٽيم سان گڏ برفاني ڇپ جي زد ۾ اچي گم ٿي ويو هو جنهن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن به ڪيو ويو پر اِهو ڪامياب نه ٿي سگهيو.
پيرو پوليس موجب، موسمياتي تبديلين سبب جابلو سلسلي تي برف پگهرڻ سبب آمريڪي جبل چاڙهو جو ڄميل لاش مليو جڏهن ته برف سبب سندس ڪپڙا، جوتا ۽ ٻئي سامان سميت پاسپورٽ به محفوظ رهيو جنهن سبب پوليس کي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ مدد ملي.
ميڊيا رپورٽس موجب، گذريل مهيني به اتان اٽليءَ جي جبل چاڙهو جو لاش هٿ آيو ۽ هلندڙ سال مئي ۾ اسرائيلي مهم جو، جو هڪ مهيني کانپوءِ لاش مليو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.