سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ملازمن لاءِ پگهارن ۾ 25 سيڪڙو، رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو ۽ وفاقي پينشنرز جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو.
ناڻي واري وزارت پگهارن ۾ واڌ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن مطابق سرڪاري ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن ۾ اضافو پهرين جولاءِ 2024 کان لاڳو هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.