” معاشري ۾ عورتن جي حڪمراني مردن جي آپگهات جو سبب بڻجي رهي آهي“

سيول( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ ڪوريا جي هڪ سياستدان مردن جي وڌندڙ آپگهات جو ذميوار عورتن کي قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان واسطو رکندڙ سيول سيٽي جي ڪائونسلر ڪِم ڪي ڊڪ ملڪ ۾ وڌندڙ آپگهات جي واقعن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
ڪائونسلر ڪم ڊِڪ طرفان چيو ويو ته مردن ۾ آپگهات جو لاڙو معاشري ۾ عورتن جي حڪمرانيءَ سبب ٿي رهيو آهي.
هن اِهو به چيو ته ڪيئي ورهين کان ملازمت ۾ عورتون اڳيان اڳيان آهن جنهن سبب مردن کي نه رڳو نوڪريون ملڻ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي پر سندن لاءِ شادي ڪرڻ جي خواهشمند عورتن جي ڳولا ڪرڻ ڏکيو بڻجندو پيو وڃي.
اهڙي بيان کانپوءِ سياستدان تنقيد جي نشاني تي آهي جڏهن ته سٽي ڪائونسل جي آفيشل ويب سائيٽ تي شائع ٿيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڏکڻ ڪوريا ۾ آپگهات جي ڪوششن جو انگ 2018۾ 430 مان وڌي 2023 ۾ هڪ هزار کان ٽپي ويو هو جڏهن ته آپگهات ڪندڙ مردن جو انگ 67 سيڪڙو مان وڌي 77 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.