190 ملين پائونڊ ڪيس: پرويز خٽڪ عمران خان جي موجودگي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) 190 ملين پائونڊز ڪيس ۾ اڳوڻي دفاع واري وزير پرويز خٽڪ پنهنجو بيان عدالت ۾ رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.
190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ احتساب عدالت جي جج محم دعلي وڙائچ ڪئي، ريفرنس جو شاهد ۽ خيبرپختونخوا جو اڳوڻو وڏو وزير پرويز خٽڪ عدالت ۾ پيش ٿيو.
پرويز خٽڪ عدالت آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا.
پرويز خٽڪ پنهنجي بيان ۾ چيو ته نيب مئي 2023 ۾ هن کان 190 ملين پائونڊ بابت بيان ورتو، شهزاد اڪبر ڪابينا کي ٻڌايو ته پاڪستان مان غير قانوني طور ٻاهر موڪيل وڏي رقم برطانيا ۾ پڪڙي وئي، شهزاد اڪبر اِهو به چيو ته اِها رقم پاڪستان کي واپسي ڪئي ويندي.
اڳوڻي وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته اِهو معاملو ڪابينا جي ايجنڊا تي نه هو، اجلاس ۾ اضافي ايجنڊا طور سامهون آيو، اضافي ايجنڊا تي مون سيمت ٻين ڪابينا ميمبرن اعتراض واريو هو، ڪابينا ۾ رقم بابت ڪاغذ بند لفافي ۾ پيش ڪيا ويا، اضافي ايجنڊا جي منظوري ڪابينا کان ورتي وئي.
ٻڌڻي دوران هڪ شاهد کان آڏي پڇا مڪمل ڪئي وئي جڏهن ته ڪ شاهد جو بيان قلمبند ڪيو ويو، عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 13 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.