عامر جمال ڊگهي عرصي لاءِ ٽيم مان ٻاهر ٿي ويو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر عامر جمال انگلش ڪائونٽي وارڪشائر لاءِ کيڏڻ دوران انجري جو شڪار ٿي ويو آهي.
وارڪشائر ڪائونٽي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، عامر جمال چيلهه جي تڪليف جو شڪار ٿي ويو آهي، آل رائونڊر ڪائونٽي ڪرڪيٽ جي باقي ميچن لاءِ دستياب نه هوندو، هن اپريل ۾ وارڪشائر جي ٽيم کي جوائن ڪيو هو.
پڌرائي موجب، چيلهه جي تڪليف سبب عامر جمال وٽ کيڏڻ جا تمام گهٽ موقعا دستياب هئا، جنهن سبب هو رڳو 2 ڪائونٽي ۽ هڪ وٽالٽي بلاسٽ جي ميچ کيڏي سگهيو.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عامر جمال ميڊيڪل ۽ اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ٽيم سان ڀرپور محنت ڪئي، بدقسمتيءَ سان هو پنهنجي ڀرپور رڌم سان بالنگ نه ڪري سگهيو.
پڌرائي موجب، عامر جمال سان 19 جولاءِ تائين معاهدو هو، ري هيپ پلان موجب آل رائونڊر معاهدي تائين فٽ نٿو ٿي سگهي.
ٻئي پاسي عامر جمال جو چوڻ آهي ته هو پهريون ڀيرو چيلهه جي انجري جو شڪار ٿيو آهي، جنهن قبول ڪرڻ سندس لاءِ وڏو چئلينج آهي، سمورو ڌيان مڪمل فٽنس حاصل ڪرڻ تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.