” چيف جسٽس منهنجا ڪيس نه ٻڌي“ عمران خان جي استدعا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ چيف جسٽس کي درخواست ڪئي آهي هو سندس خلاف ڪيسز جي ٻڌڻي نه ڪري.
سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي عمران خان لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ هن انٽرا ڪورٽ اپيلون خارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.
عمران خان پنهنجي جواب ۾ چيو ته ڪنهن جي ڪرپشن بچائڻ لاءِ قانون ۾ ترميمون ڪنهن بنانا ري پبلڪ ۾ به ناهن ٿينديون، ڪرپشن سان معيشت تي هاڃيڪار ۽ ناڪاري اثر پوندا آهن، مون کي ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله ٻڌايو ته ترميمن جو فائدو اوهان کي به ٿيندو پر منهنجو موقف واضح آهي ته منهنجي ذات جو نه ملڪ جو معاملو آهي.
پي ٽي باني پنهنجي ۾ جواب ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ کي قانونسازي آئين موجب ڪرڻي گهرجي، نيب اختيارن جو غلط استعمال ڪندو آهي ته ترميمون ان کي روڪڻ جي حد تائين هئڻ گهرجي.
هن چيو ته اختيارن جي غلط استعمال ڪرڻ جو مثال سندس خلاف نيب جو توشاخانا ڪيس آهي، نيب مون تي ڪيس ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪروڙ اسي لک رپين جي هار جي قيمت ٽي ارب 18 ڪروڙ رپيا ڄاڻائي.
عمران خان پنهنجي جواب ۾ چيو ته ماضيءَ ڪرپشن ڪندڙ قانون ۽ پارليامينٽ کي پنهنجي ڍال بڻايو، ڪرپشن کي بچائڻ لاءِ ڪيل ترميمون عوام جو قانون مان اعتماد ختم ڪرائي ڇڏينديون آهن، قانون جو مقصد ڪنهن اڪيلي فرد لاءِ نه پر عوام لاءِ ٿيڻ گهرجي ۽ سپريم ڪورٽ کي حقيقتن جي آڏو اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن.
پي ٽي آءِ باني پنهنجي جواب ۾ استدعا ڪندي چيو ته ماضي جي فيصلن کي نظر ۾ رکندي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ منهنجي ڪيسن جي ٻڌڻي نه ڪري.

‌CJ NAB PTI ImranKhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.