موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ اڄ به هلڪي برسات جو امڪان آهي ۽ ويهه جولاءِ کانپوءِ تيز اسپيل شهر تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.
چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز موجب، برسات جو سبب بڻجندڙ سسٽم ڪراچي کان پري عمان طرف وڌي رهيو آهي جنهن سبب اڄ ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات يا بوندا باندي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ويهه جولاءِ تي شهر ۾ نئون سسٽم داخل ٿيندو جيڪو ڪراچي ۾ تيز برساتن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
سردر سرفراز چيو ته شام کان سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ شروع ٿينديون، ايندڙ ٽي کان چار ڏينهن شهر جي موسم بهتر رهندي جڏهن ته سامونڊي ڪڪرن سبب صبح ۽ رات جي وقت ۾ بوندا باندي جو امڪان رهندو، ان دوران گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي سگهي ٿو، هوا ۾ گهم جو تناسب وڌيڪ هئڻ سبب گرمي جي شدت وڌيڪ محسوس ٿيندي، شهر ۾ سامونڊي هوائون گُهلڻ بعد ٻُٽ ختم ٿي ويندي.

rain Heat Karachi

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.