هي شادي ڪڏهن ختم ٿيندي؟ مشي خان جي پوسٽ وائرل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار مشي خان به مُڪيش امباڻي جي ننڍي پٽ اننت امباڻي جي شادي جي تقريبن تي تبصرو ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهي.
مشي خان انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن مڪيش امباڻي جي ننڍي پٽ اننت امباڻي جي شاديءَ جون تقريبون ختم ٿيڻ بابت سوال ڪيو.
اداڪارا چيو ته ٻين ماڻهن ان عرصي شاديون ڪري ٻار به پيدا ڪري ڇڏيا پر هيءَ شادي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي، ڪڏهن ڊانس پارٽي ته ڪڏهن رسم، بالي ووڊ اسٽارز به چرين جيان نچي رهيا آهن، اِهو سلسلو ڪڏهن ختم ٿيندو، جوڙو ڪڏهن هني مون تي ويندو ۽ پنهنجي ذاتي زندگي انجواءِ ڪندو؟
مشي خان پنهنجي وڊيو جي آخر ۾ مرڪندي چيوته مڪيش صاحب! ٿورو هلڪو هٿ رکو.
واضح اِها تقريب پروٽوفينو اٽليءَ ۾ جاري آهي جنهن ۾ سموري دنيا جي مشهور شخصيتون شرڪت ڪئي.
اننت امباڻي ۽ راڌيڪا مرچنٽ جو 19 جنوري 2023ع تي ممبئي ۾ مڱڻو ٿيو جڏهن ته جوڙو هلندڙ سال 12 جولاءِ تي ممبئي ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندو.

Socialmedia Mishikhan Ambanisonmarriage

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.