ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊر ۾ پاڪستان کي ڏکڻ آفريڪا هٿان پهرين شڪست

نارٿمپٽن ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ۾ پاڪستان کي پهرين شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي ويو .
نارٿمپٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا چيمپيئنز پاڪستان چيمپيئنز کي نوَ وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 210 رنسون ٺاهيون.
شرجيل خان 72 ۽ شعيب ملڪ 51 رنز جي اننگز کيڏي، انکانسواءِ صهيب مقصود 24، عبدالرزاق 25 رنسون ٺاهيون.
211 رنز جو هدف ڏکڻ آفريڪا 19 هين اوور ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڏکڻ آفريڪا جي سيرل ايروي شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ 57 بالن تي 105 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جيڪسن سينمن به 82 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
پاڪستان طرفان سهيل خان هڪ وڪيٽ ورتي.
شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي سيرل ايروي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته پاڪستان پهريان ئي لاڳيتو چار ميچون کٽي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

WCLT202024  pakistanlegends southafricalegends

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.