بجلي بلن ۾ اوور بلنگ جا ذميوار وائکا، جاچ ادارن رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) جاچ ادارن بجلي بلن ۾ واڌ جي جاچ مڪمل ڪري ورتي.
ذريعن موجب وفاقي جاچ اداري ( ايف آءِ اي ) سميت ٻين ادارن به پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪري وزيرعظم ڏانهن اُماڻي ڇڏي.
ليسڪو ذريعن موجب، پروريٽا سسٽم تحت بلن ۾ ٻه سئو کان مٿي يونٽس شامل ڪرڻ جي رپورٽ وزيرِاعظم آفيس موڪلي وئي آهي.
ليسڪو ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ادارن جي رپورٽ ۾ توانائي وزارت جي عملدارن کي اوور بلنگ جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي ۽ سندس خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، توانائي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن ذريعي ڊسڪوز پروريٽا سسٽم لاڳو ڪرايو.

responsible electricity overbilling

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.