مظفر آباد ڀرسان جيپ کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، 13 ڄڻا اجل شڪار

مظفر آباد ( ويب ڊيسڪ ) مظفر آباد ويجهو جيپ کاهي ۾ ڪرڻ سبب ڊرائيور، ٽن ٻارڙن ۽ چئن عورتن 13 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
نيلم ويلي شاهراهه ديوليان ڀرسان جيپ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ ڊرائيور، ٽن ٻارڙن ۽ چئن عورتن 13 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پنجگران پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع بعد امدادي ٽيمون روانيون ڪيون جن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو.
پنجگران پوليس موجب، جيپ حادثي ۾ مقامي ماڻهو به زخمي ٿي پيا آهن.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته برسات سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيائيون پيش اچن پيون، مقامي ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت ماڻهن کي ڪڍي رهيا آهن.

roadaccident  Muzaffarabad NeelumValley
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.